ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ ڪوڙ جو سمنڊ وھي پيو،  بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، ايران ۽ سعودي لاڳاپن ۾ بھتري امت لاءِ خوشي جي ڳالهه آھي،  ڪالهه  ڪراچي جي دوري دوران اداره نور حق تي پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته ايران ۽ سعودي لاڳاپن ۾ بھتري لاءِ چين پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو،  ترڪي ۽ سعودي لاڳاپن ۾ بھتري سان به مسلمانن کي فائدو ٿيندو، ھن چيو ته ملڪ ۾ انڌير نگري چرٻٽ راج ھلي پيو، ملڪ ۾ پي ڊي ايم ھجي يا سندن حڪومت سڀئي پنهنجي مفادن خاطر ھڪٻئي جي ڳچي ۾ ھٿ وجھي بيٺل آھن، حڪمرانن جي  نااھلي سبب ملڪي معيشت  تباھ ٿي وئي آهي، ھن چيو ته ملڪ ۾ موجود نيب جو ادارو ناڪام ٿي چڪو، انھي اداري جي ملازمن کي رڳو پگھارن سان ڪم آھي، هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم بابت خبرون آھن ته انھن ملڪي خزاني کي لٽيو آھي، اسانجو مطالبو آھي ته انهن کان قومي خزاني ۽ توشا خانا  جو پائي پائي جو حساب ورتو وڃي، ھن چيو ته شفاف اليڪشن ٿيڻ گھرجن،  قوم جي نجات لاءِ پ پ،  پي ڊي ايم ۽ پي ٽي آءِ مان جان ڇڏائڻ وارو واحد رستو اليڪشن آھي، هن چيو ته ڪراچي جو ميئر اسانجو ٿيندو، پ پ کان اسا نجو مينڊيٽ مڃڻو پوندو.