جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ خوراڪ کاتي پاران اٽي سان ڀريل غير قانوني طور بلوچستان ويندڙ ٽرڪ پڪڙي ورتي،  اٽو سرڪاري اگهه تي وڪرو،ان ڏس ۾   جيڪب آباد جي خوراڪ کاتي جي عملدارن غير قانوني طور بلوچستان ويندڙ پڪڙيل اٽو شهيد الهه بخش سومرو پارڪ وٽ ٽرڪ بيهاري 98 رپيا في ڪلو سان وڪرو ڪيو ويو آهي، اٽو خريد ڪرڻ لاءِ عوام جون قطارون لڳي ويون، ان حوالي سان  خوراڪ کاتي جي عملدار ٻڌايو ته غيرقانوني طور اٽو بلوچستان وڃي رهيو هو، جيڪو پڪڙي سرڪاري اگهه تي 98 رپيا في ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهيون.