سکر (بيورو رپورٽ) اوٻاوڙي لڳ الائنس شگر مل ۾ مبينا تشدد وگهي پورهيت نوجوان فوت ٿيڻ وارو معاملو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ شگر مل انتظاميا خلاف نوجوان جي موت واري واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وڪيل سليم اختر ميمڻ مطابق گذريل سال 14 ڊسمبر تي سيڪيورٽي گارڊ نوجوان جنيد احمد ملڪ تي مبينا طور تشدد ڪري لاش پاڻيءَ جي ٽانڪي ۾ ڦٽو ڪيو ويو هو. ايڊيشنل سيشن جج گهوٽڪي مصباح الدين ڦلپوٽو جي عدالت پورهيت جي موت واري واقعي جو الائنس شگر مل انتظاميا جي مظهر ملهي، محمد عادل، خالد عثمان خٽڪ ۽ ٻن اڻ ڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. الزام هيٺ آيل جوابدارن ڪيس داخل ڪرڻ واري ماتحت عدالت جي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ چئلينج ڪيو هو. وڪيل سليم اختر ملڪ موجب عدالت ايڊيشنل سيشن جج گهوٽڪي جي فيصلي خلاف شوگر مل انتظاميا جي درخواست رد ڪندي جوابدارن مظهر ملهي، محمد عادل، خالد عثمان خٽڪ ۽ ٻن اڻ ڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي