ڏوڪري (ن پ ا) سنڌ جو عظيم ماڳ موهن جو دڙو هڪ هفتو بند رکڻ بعد عام سياحن لاءِ ٻيهر کوليو ويو، وڏي انگ ۾ تفريح لاءِ ماڻهو پهتا. تفصيل موجب سنڌ جي قديم تهذيبي ماڳ موهن جو دڙو کي ڪرونا وائرس پکڙجڻ جي خطري سبب هڪ هفتي تائين بند رکيو ويو هو جنهن کي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي اختيارين گذريل ڏينهن کوليو آهي، ان ڏس ۾ لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، خيرپور، دادو سميت ٻين علائقن کان وڏي انگ ۾ ماڻهو تفريح لاءِ موهن جو دڙو پهتا ۽ قديم ماڳ جي آثارن کي گهمي ڏٺو.