پنوعاقل (ن پ ا) نوجوان منور کونھارو قتل ڪيس ۾ دادلوءِ پوليس پاران اھم اڳڀرائي جي دعويٰ ڪئي وئي آهي ، دادلوءِ پوليس موجب نوجوان منور کونھارو کي قتل ڪندڙ جوابدار عبدالقيوم کونھارو کي گرفتار ڪيو ويو آھي، جنھن جوابدار پاران نوجوان کي ڪنڌ تي ڪھاڙي جا وار ڪري قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ڇڏيو آھي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار اعتراف ڪندي ٻڌايو ته منور کي قتل ڪرڻ بعد ڪھاڙي کوھ ۾ اڇلائي ڇڏي، واضح رهي ته عيد واري ڏينهن جوابدارن گهر ۾ گهڙي منور کونهارو جو ڪنڌ ڪپي کيس قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي صدمي ۾ ويجهو مائٽ پيرسن به فوت ٿيو.