شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ پوليس ڳجھي اطلاع تي فيض محمد بروھي محلي بگو روڊ تي ھڪ گهر مٿان ڇاپو ھڻي ڪجهه مھينن کان يرغمال بڻايل گھوٽڪي جي رھواسڻ عورت نانڪي اوڏ کي ھٿ ڪري ٻن جوابدارن سونارو اوڏ ۽ بابو اوڏ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب جوابدارن خلاف اڳ ۾ ئي ڪيس داخل ٿيل آهي.