جروار(ن پ ا) جروار ويجهو ڳوٺ پيربخش چاچڙ جو نينگر مصري چاچڙ حيدرآباد مان هٿ اچڻ جا اطلاع مليا آهن.اطلاع لڻ تي جروار پوليس تصديق ڪندي چيو ته محبوب ڪوريجو نالي شخص اهڙو اطلاع ڏنو آھي ته نينگر 12 ڏينهن اڳ ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن تي مليو ۽ هن وقت نينگر حيدرآباد ۾ مون وٽ ترسيل آھي ٻئي پاسي جروار پوليس ۽ وارث نينگر کي کڻڻ لاءِ حيدر آباد روانا ٿي ويا آھن ياد رهي ته 27 ڏينهن اڳ نينگر مصري چاچڙ گم ٿي ويو هو.