اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪورونا جي نئين قسم جا ڪيس سامهون اچڻ بعد اين سي او سي جي نئين سر  جوڙجڪ ڪئي وئي، نيشنل هيلٿ سروسز وزير اين سي او سي جو سربراهه هوندو، صحت بابت قومي اداري منڪي پوڪس بابت پڻ اهم ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي، وفاق ۽ صوبائي حڪومتن کي منڪي پوڪس جي شڪي ڪيسن تي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ملڪ جي داخلي رستن ۽ ايئرپورٽس تي به نگراني وڌائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، منڪي پوڪس جانورن کان جانور ۽ جانورن مان انسان ۾ تيزي سان منتقل ٿيندڙ بيماري آهي، مختلف ملڪن ۾ منڪي پوڪس جا هيل تائين 92 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. سنڌ حڪومت پڻ ايڊوائزري جاري ڪئي آهي، ڊي جي هيلٿ سروسز وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ پراوينشل ڊزيز سرويلنس اينڊر رسپانس يونٽ کي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو آهي، سڄي صوبي جي اسپتالن ۾ شڪي منڪي پوڪس ڪيسن بابت فوري طور آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.