ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي جي ننڍن واپارين جي تنظيم آل ڪراچي ريٽيلر ايسوسيئشن ترت اليڪشن  ڪرائڻ جو  مطالبو ڪري ڇڏيو، ان ڏس م آل ڪراچي ريٽيلر ايسوسئيشن جي صدر ايم رحمان ۽ ٻين پريس ڪلب ۾   پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ معاشي بدحالي جو شڪار آھي، سرڪار  سري لنڪا جھڙي صورتحال پيدا ٿيڻ کان اڳ قدم کڻي، تيل تي سبسدي ختم ڪري ھر حوالي سان ڏکيا فيصلا ڪيا وڃن، آءِ ايم ايف سان  ڊگهو معاھدو ڪري ٽن سالن لاءِ قرض کنيو وڃي، ريئل اسٽيٽ جي ڪائونسل جوڙي ملڪ مان قبضا گيرن خلاف ڪارروائي وڃي، بيروزگار نوجوانن کي پرڏيھه ۾ روزگار ڏيارڻ لاء ڪردار ادا ڪيو وڃي، سي پيڪ تي ڪم شروع ڪري چين جا خدشا ختم ڪيا وڃن، بينڪن کي گھرن  لاءِ سستي وياج سان قرض ڏيڻ جي ھدايت ڪئي وڃي.