ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سيڊا پاران  اڪرم واھه ۽ لاڳاپيل علائقن مان قبضا هٽائڻ بعد بحالي لاءِ 300 ملين  جي پي سي ون تيار ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان ڪالهه آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو سان عالمي بينڪ سان لاڳاپيل وفد گرگر برائوڊر جي اڳواڻي ۾ملاقات ڪئي، اجلاس ۾ سيڊا جي جي ايم ڊي پريتم داس ٻڌايو ته اڪرم واھ ۽ لاڳاپيل علائقن جي بحالي لاءِ ابتدائي طور تي 300 ملين جي پي سي ون تيار ڪئي وئي آهي هاڻ سواٽ پروگرام تحت انهي رٿا ۾ وڌيڪ 200 ملين رپين جا فنڊ شامل ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي گرگ برائوڊر چيو ته سنڌ حڪومت کي آگسٽ کان اڳ سنڌ واٽر پاليسي جي مسودي کي آخري شڪل ڏيڻي پوندي،ان موقعي تي آبپاشي وزير ڄام خان شوري عالمي بينڪ جي وفد کي ٻڌايو ته اسان کي صوبائي واٽر پاليسي ۾ ڪافي بين الصوبائي مسئلا درپيش آهن، اسان هارين، آبادگارن  سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي مشوري ۽ اتفاق بنا اها پاليسي مڪمل نٿا ڪري سگھون، هن چيو ته سنڌ واٽر پاليسي تي ڪم جاري آهي، جلد سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺي پاليسي  کي آخري شڪل ڏني ويندي.