مورو (ن پ ا) مورو ويجھو ڳوٺ بھادر جسڪاڻي جي رھواسي عورتن بااثرن جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مسمات تسليم، سگھڙ، مرادان، حنيفان، شاھدان، لطيفان، گڏي جسڪاڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جي نوجوان اختر جسڪاڻي نوشھروفيروز جي رھواسڻ ناري سائرا ڌيءَ ھدايت الله ڪورائي سان پسند جي شادي ڪئي ھئي، اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، ناري جو عدالت مان نڪاح ٽوڙايو ويو، ان باوجود بااثر اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيا آهن.