سنجهورو (ن پ ا) 21 ڏينهن اڳ سنجهوري ويجهو ڳوٺ جعفر خان لغاري مان کنڀي گم ڪيل هاري اڳواڻ منظور لغاري جو اغوا ڪيس داخل عدالت جي حڪم تي هاري اڳواڻ جي جي ڀاءُ  جي فرياد تي 4 نامعلوم ماڻھن خلاف داخل ڪئي وئي آهي، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  منظور لغاري هاري حقن لاءِ  سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيس جو فريادي آھي ۽کيس 27 اپريل تي اڇي رنگ جي ڪرولا  ڪار ۾ آيل 4 نامعلوم هٿياربندن زوري اغوا ڪري کڻي ويا، جنهن جو اڃا تائين ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آھي.