ملڪاڻي شريف( ن پ ا)  ملڪاڻي شريف ڀرسان ايم ايم ڊي پراڻ ڍوري جي بندن جي غيرمعياري ڪم سبب شهرين ۾ تاءُ پکڙيل، ٻيهر برسات پوڻ جي صورت ۾ نقصان جو خدشو، گذريل سال برسات دوران پراڻ ڍوري کي گهارا پوڻ ڪري ڀرپاسي جا ڪيترائي علائقا ٻڏي ويا هئا، اهڙي صورتحال کان بچڻ لاءِِ سنڌ حڪومت طرفان پراڻ ڍوري جي بندن کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم شروع ڪرايو ويو جيڪو سست رفتاري جو شڪار آهي علائقي واسين جو چوڻ آهي ته بندن جي ڪم ۾ غيرمعياري مٽيريل استعمال ڪيو پيو وڃي جنهن سان قومي ناڻو ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي. ان سلسلي ۾ آبادگارن طارق محمود آرائين، حاجي علي نواز دلواڻي، طارق قريشي، سيد امان الله شاهه، علي نواز چانڊيو ۽ ٻين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ايم ايم ڊي پراڻ ڍوري جي بندن جي هلندڙ نالي ماتر ڪم مان مطمئن ناهيون اهو سڀ بجيٽ جا پئسا هڙپ ڪرڻ جو ڊرامو ڪيو پيو وڃي اڳواڻن ۽ رهواسين سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته بندن جو معياري ڪم ڪرايو وڃي.