مرزاپور (ن پ ا) مرزاپور ويجهو ڦر دوران مزاحمت تي شهيد ٿيل فوجي جوان جي وارثن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن سبب سکر لاڙڪاڻو روڊ بند ٿي ويو ۽ سوين گاڏيون بيهجي ويون، ان موقعي تي بخشيل ڪيھر، محرم سومرو، اظھار ڪيھر، نعيم، زوھيب ۽ ٻين چيو ته واقعي کي چار ڏينهن گذري ويا آهن پر پوليس هڪ به جوابدار گرفتار ناهي ڪيو، هنن چيو ته پوليس سستي جو مظاهرو ڪري رهي آهي جنهن ڪري جوابدار آزاد گهمي رهيا آهن، هنن قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.