مورو (ن پ ا) مورو ۾ برسات کانپوءِ شهر جي خراب صورتحال کي ڏسڻ ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ جي ڊي اي جو ايم پي اي عارف مصطفيٰ جتوئي پھتو، جنهن دوران هن شھر مان نڪرندڙ گندي پاڻيءَ جي ٺھيل تلائن جو معائنو ڪيو ۽ موجود ماڻھن کان پڇا ڳاڇا  ڪئي، هوڏانهن ايم پي اي اسپتال آيو، جتي موجود مريض ۽ وارثن دوائن توڙي بيون سهولتون نه هجڻ جون شڪايتون ڪيو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته مورو شھر جي حالت تمام خراب آھي، ڪو به روڊ رستو يا پاڙو اهڙو ناھي جتي گندگي نه هجي، هن چيو ته برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب شھر ۾ ڪيترن ئي مسڪين ماڻھن جا گھر ڪري پيا آھن، جن جي ڪير به سار لھڻ وارو ناھي، هن چيو ته عوام کي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ ڪڏھن به اڪيلو ناھي ڇڏيو، اسان عوام مان آھيون ۽ انھن جي خدمت ڪندا رھنداسين، ھن چيو ته سموري صورتحال تي سنڌ اسيمبلي جي فلور تي ڀرپور آواز اٿاريو ويندو،