خيرپورناٿن شاهه (ن پ ا) خيرپورناٿن شاهه بلوچستان مان ايندڙ پاڻي جي وڏن وهڪرن سبب ايم اين وي ڊرين ڇنڊڻ ۾ پاڻي ۾ تيزي سان چاڙهه اچڻ جي ڪري علائقي واسين ۾ امڪاني ٻوڏ سبب خوف  ڇانيل آهي، ڪيترن ڳوٺن مان ڳوٺاڻا گهرن مان پنهنجو قيمتي  سامان مال محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لڳا آهن، ٻي طرف آبپاشي کاتي جي  اڻپورن انتظامن خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن  حاجن خان لغاري ، ڊاڪٽر شفيق گاڏهي ، اسدالله لغاري  ، اڳواڻ يعقوب کوسو ،ممتاز ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته بلوچستان مان ايندڙ ٻوڏ جو پاڻي بلوچستان ۾ تباهيون مچائي سنڌ ۾ داخل ٿيو آهي، بااثر وڏيرا پاڻي کي بچاءۡ بند جي مٿين پاسي کي ڇوڙ ڪرڻ بدران   ايم اين وي ڊرين ذريعي نيڪال ڪرڻ جون ڪوششون ڪري پنهنجن ڍنڍن مڇين جي تلائن کي بچائڻ لاء پاڻي کي ايم اين وي ڊرين ذريعي ڇوڙ ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته ايم اين وي ڊرين مان 4 هزار ڪيوس پاڻي نيڪال ٿي سگهي ٿو پر بلوچستان مان ايندڙ پاڻي وڏي مقدار ۾ آهي ايم اين وي ڊرين پاڻي جو دٻاءۡ برداشت نه ڪري سگهندي آبادي وارا علائقا ٻڏي ويندا، هنن مطالبو ڪيو ته  بندن جي مرمت ڪرائي ٻوڏ کان بچايو وڃي.