ڪراچي:  صوبائي وزير سعيد غني چيو ته آدمشماري تي سنڌ کي تحفظات آھن، سنڌ جي وڏي وزير  2017ع  واري مردمشماري جي  سي سي آءِ ۾ مخالفت ڪئي هئي، ھن وقت آدمشماري ۾ ڪجهه بھتري ٿي آھي پر ھن وقت به ڪيتريون ئي اھڙيون شيون آهن، جيڪي درست ڪرڻ جي ضرورت آھي، هن چيو ته مھانگائي وڌي وڃڻ ڪري گھٽ ۾ گھٽ ماھوار اجرت وڌائڻ چاھيون  ٿا، اھا اجرت ماھوار 160 ڊالرن (44000 رپيا ماهوار) برابر ٿيڻ گھرجي،  آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري چيو ته اپوزيشن وارن پري  بجيٽ  لاءِ تياري ڪري ئي ناهن آيا، انهن کي پنهنجن تڪن جي عوام جي ڳالهه ڪرڻ کپي، پي ٽي آءِ حڪومت  گريٽر ٿل ڪئنال في2 ۽ جلالپور ڪئنال وارين رٿائن جي منظوري ڏني، جڏهن ته پ پ مخالفت ڪئي، اهو سچ ناهي ته آئون استيعفا ڏئي ڇڏيندس مختلف  واهه پڪا ڪرڻ سان گڏ 101 سمال ڊيم ٺاھيا آھن، ھن چيو ته ايل بي او ڊي اسان نه ٺاھي ھئي پر انهي جا نقصان ڀوڳيون پيا،  اسانجي ڪوششن سبب هيل ايل بي او ڊي کي ھڪ به گھارو ناهي  لڳو،   وقت کان اڳ ٻوڏ جو پاڻي ڪڍڻ سبب  ڪڻڪ جو بمپر فصل لٿو آهي