ڪراچي: حڪومتي ڌر جي ايم پي ايز ۽ اتحادين پنهنجن علائقن جي  مسئلن جي نشاندھي ڪندي ايندڙ بجيٽ ۾ بجيٽ رکـڻ جو مطالبو ڪيو، سوالن جوابن واري سيشن ۾ سوال پڇندڙ ايم پي ايز نه اچڻ سبب اسپيڪر ڪارروائي اڳتي وڌائيندي پري بجيٽ سيشن تي تقرير ڪرڻ جي اجازت ڏني  ـ پ پ ايم پي اي ذوالفقار علي شاھ پنهنجي موبائل ۾ تصوير ڏيکاريندي چيو ته منهنجو والد خادم علي شاهه ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي شهيد ڀٽي سان گڏ ھئا، مارشل لا دوران  غلام مصطفيٰ جتوئي شهيد ڀٽو کي ڇڏي ويو پر منهنجو والد ساڻس گڏ رھيو، اڄ عارف جتوئي ڪھڙي منهن سان  تصوير کڻي آيو آھي؟   غزالا سيال چيو ته  گھوٽڪي ضلعي جي آبادي 16 لک آھي، اتي ليڊي پوليس اھلڪار وڌايون وڃن ـ طوفاني برساتن سبب ڪوٽڏيجي، سوڀو ديرو ۾ ٻوڏ آئي، اتي سم نالا ٺاھيا وڃن ـ ايم ڪيو ايم جي  شاھانه  اشر چيو ته اڄ اٽي جو اگهه 160 رپيا آھي، سنڌ حڪومت جي گدامن ۾ هزارين ٽن ڪڻڪ پيل آھي اھا يا ته ڪوئا کائي ٿا وڃن يا ته وري وڏا مانگر مڇ ڳڙڪائي ٿا وڃن، ڪراچي ۾ ڦورو گھرن ۾ گھڙي وارداتون پيا ڪن،