ڪراچي( رپورٽ: فقير سليم) سنڌ اسيمبلي ۾ پري بجيٽ سيشن دوران  مخالف ڌر جي ميمبرن سنڌ حڪومت تي تنقيد جا تير وسايا،  مخالف ڌر جي اڳواڻ  حليم عادل شيخ چيو ته 14 سالن ۾ تعليم تي 1727 ارب رپيا خرچ ٿيڻ باوجود تعليم تباھ  ٿيل آھي، صحت تي 940 ارب رپيا خرچ ڪرڻ باوجود اسپتالن ۾ دوا ۽ ايمبولينسون ناهن، صوبي ۾ ايڊز بنا روڪٿام جي پکڙجي پئي ، امن امان تي 1100 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا، هن وقت  ڌاڙيل معصوم ٻارن ۽  عورتن جون وڊيوزٺاھي وائرل پيا ڪن ، توهان ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڇا ڪندو؟ رڳو  پڪي جي ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪريو، مڪاني  ادارن تي 1020 ارب رپيا خرچ ٿيا پر نلڪن مان پاڻي نٿو اچي، هن چيو ته  هتي بجيٽ انگن اکرن جو گورک ڌنڌو آھي، هن چيو ته پ پ سنڌ جي صدر ( نثار کهڙو طرف اشارو) ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاھي اچڻ وقت  مٺائي ورھائي  هئي، هن چيو ته پرڏيھي وزير بلاول ڀٽو 47 ملڪن جي دوري تي ھڪ ارب 75 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا پر سنڌ جي ٻو_ متاثر علائقن جو دورو نه ڪيو، هن چيو ته ڪراچي پوليس چيف  جاويد عالم اوڍو مان جان ڇڏايو، جيڪو آفيسر پنهنجي آفيس نٿو بچائي سگھي، اھو اسانجي حفاظت ڪيئن ڪندو ؟ هن چيو ته سنڌ جي رڳو 5 کاتن ورڪس، آبپاشي، مڪاني ادارا ۽  پبلڪ ھيلٿ، تعليم ۽ صحت کي  ترقياتي بجيٽ مان 152 ارب جاري ٿيا، ڇا باقي 40 کاتا سنڌ سرڪار جو  حصو  ناھن ؟ هن چيو ته ڪي فور جي غلط پلاننگ ڪري 12 ارب ٻڏي ويا، رٿا جا پائيپ پڻ چوري ٿي ويا، جي ڊي اي جي ايم پي اي رفيق ٻانڀڻ چيو ته گذريل 15 سالن  دوران ھر کاتي جي بجيٽ وڌي آهي، سوال اهو آهي ته  اهي پئسا ڪٿي خرچ پيا ٿين؟ خيرپور جي 65سيڪڙو ايريا ۾ برساتي پاڻي نيڪال ناھي ٿيو، آبپاشي کاتي جي اسڪارپ ڊويزن فيض گنج جي ڍنڍ مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ  2 ارب رپيا خرچ ڪيا آهن، اسڪارپ جي ھڪ مولوي صاحب 2 ارب ڪمايا. آئون چوان ٿو ته خدارا ٻوڏ متاثرين کي بخش ڪريو پي ٽي آءِ جي جمال صديقي چيو ته   4 سالن کان رڳو تجويزون ڏيون ٿا، بدقسمتي سان ھتي بجيٽ جي ڪتابن جا مرضي سان پنا ڪارا ڪيا وڃن ٿا، جي ڊي اي جي عارف مصطفيٰ جتوئي  پ پ وارا شهيد ڀٽو جي نالي ۾ 15  سال اقتدار ۾ رهيا آهن، هنن  عوام کان اٽو، لٽو ۽ اجهو کسيو آهي، 15 سال اڳ اٽو 15 ۽ هاڻ 140 رپيا ڪلو آهي،  دال 50 مان 300 رپيا، مرغي 80 مان 500 رپيا،  کنڊ 30 مان 100 رپيا،  هڪ وال ڪپڙو 500 رپين جو آهي، ايم ڪيو ايم جي محمد حسين چيو ڪراچي سيف سٽي منصوبي لاءِ هيل 20 ارب 50 ڪروڙ رکيا ويا  ھئا پر انھن مان ھڪ رپيو به خرچ ناھي ٿيو، هن چيو ته آربي او ڊي فيز 2 رٿا 17 سالن ۾ مڪمل ناهي، ويتر بجيٽ 9 مان وڌي 61 اربن تي پهتي آهي، پلاننگ کاتي 149 رٿائن تي ٿيل ڪم کي غير تسلي بخش قرار ڏنو آهي پر حڪومت ڪارروائي نٿي ڪري