منڇر ڍنڍ: ايم اين وي ڊرين جي بند کي لڳل گهارو 250 فُٽ ٿي ويو

0
334
ايم اين وي ڊرين جي بند کي لڳل گهارو
منڇر ڍنڍ: ايم اين وي ڊرين جي بند کي لڳل گهارو 250 فُٽ ٿي ويو

ڪراچي (نمائندن وٽان) منڇر ڍنڍ جِي زيرو پوائنٽ تي ايم اين وي ڊرين جَي بند کي لڳل گهارو وڌي 250 فُٽ ٿي ويو
گهاري دوران بند تي بيٺل پوليس اهلڪار سوڌو 3 ڄڻا تيز وهڪري ۾ لڙهي ويا، علائقي واسين فوري ڪارورائي ڪندي ٽنهي کي بچائي ورتو

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته زيرو پوائنٽ وٽ بند کي يوسي واهڙ وارَي پاسي کان گهارو لڳو آهي
علائقي واسين موجب پاڻي يوسي واهڙ ڏانهن تيزي سان وڌي پيو، منڇر ڍنڍ کي باغ يوسف ۽ آر ڊي 50 کان 52 تائين لڳل ڪَٽن جي پاڻي سيوهڻ جي 5 يوسيز ۽ شهباز ايئرپورٽ کي ٻوڙي ڇڏيو

ايئرپورٽ جي مختلف حصن ۾ 5 فُٽ جيترو پاڻي بيٺل آهي، منڇر جو پاڻي يوسي واهڙ ۽ جعفر آباد ۾ ڪاهي پيو، سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ سبب متاثر لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن
پاڻي سيوهڻ جي ڳوٺ بچل چنا وٽ انڊس هاءِ وي سان ٽڪرائجي ويو، جنهن سبب رهواسي پريشانيون ڀوڳڻ تي مجبور آهن

ھي به پڙھندا

منڇر ڍنڍ:ايم اين وي ڊرين جي بند کي 50 فُٽ گهارو، پوليس اھلڪار سوڌو 3 ڄڻا وھڪري ۾ لڙھي ويا

منڇر ڍنڍ کي ٽن ھنڌن تي ڏنل ڪَٽ جي پاڻي سيوھڻ جي 5 يوسيز ۽ شھباز ايئرپورٽ کي ٻوڙي ڇڏيو

ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار