برسات ۽ ٻوڏ دوران زراعت توڙي آبپاشي نظام جي تباهي جا ذميوار ڪامورا قرار

0
374
زراعت توڙي آبپاشي نظام جي تباهي جا ذميوار
برسات ۽ ٻوڏ دوران زراعت توڙي آبپاشي نظام جي تباهي جا ذميوار ڪامورا قرار

ڪراچي: سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ دوران زراعت توڙي آبپاشي نظام جي تباهي جو ذميوار ڪامورن کي قرار ڏنو ويو آهي

زراعت توڙي آبپاشي نظام جي تباهي جا ذميوار

آبپاشي کاتي کي ڊرينيج سسٽم ٺيڪ ڪرڻ لاءِ مليل 400 ارب رُپين جي خرچ بابت جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي
ايوانِ زراعت سنڌ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ دوران زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبن کي 600 ارب رُپين جو نقصان ٿيو آهي
ايوانِ زراعت سنڌ موجب آبپاشي کاتي ۾ سيڪريٽري کان وٺي انجنيئرز تائين ناتجربيڪار ماڻهو هجڻ سبب تباهي ٿي آهي
ايوانِ زراعت سنڌ موجب سنڌ جي زراعت 10 سال پوئتي هلي وئي پر حڪمرانن جي ڪن تي جونءِ به نٿي سُري
ايوانِ زراعت سنڌ مطالبو ڪيو آهي ته ٻوڏ دوران آبادگارن کي ٿيل نقصان ڀري ڏنو وڃي