لاهور (م ڊ) لاهور بينڪنگ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي جي 4 جولاءِ تائين عبوري  ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ق ليگ ايم اين اي مونس الاهي جي ضمانت لاءِ بينڪنگ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران مونس الاهي جي وڪيل امجد پرويز عدالت کي  ٻڌايو ته محمد خان ڀٽي جي ساڳي ئي ڪيس ۾ عبوري ضمانت منظور ٿي چڪي آهي، مونس الاهي به انهي ڪيس ۾ نامزد آهي، ڪيس سياسي بنيادن تي ٺاهيو ويو آهي. وڪيل امجد پرويز جو چوڻ هو ته مونس الاهي طرفان پهريون ڀيرو ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي وئي آهي. بينڪنگ ڪورٽ مونس الاهي جي 4 جولاءِ تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائنيدي مونس الاهي جو چوڻ هو ته ايف آءِ اي ۾ مون کان ساڍن چئن ڪلاڪن تائين پاڇاڳاڇا ڪئي، جيڪي سوال پڇا ويا انهن جا جواب ڏنا، جڏهن وٽن ڪو سوال نه رهيو ته وري ٻيهر ساڳا سوال ورجائڻ لڳا. مونس الاهي جو چوڻ هو ته ايف آءِ آر ٻه ڏينهن اڳ داخل ڪئي وئي آهي، جيڪا نواز ليگ وارن داخل ڪرائي آهي، پي ٽي آءِ جو ان ۾ ڪو به ڪردار ناهي، کين اهڙي قسم جا حربا استعمال ڪرڻا آهن ته جيئن اصل مسئلن ڏانهن ڌيان نه وڃي.