ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ماسترن  جي اين ٽي ايس ذريعي  ڀرتين کي چيلنج ڪندڙ 10 اميدوار نااهل قرار، ان ڏس ۾ سال 2012-13ع  ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ 10 اميدوارن سندن يونين ڪائونسلن ۾ گهٽ مارڪون رکندڙن کي نوڪريون ڏيڻ جو الزام لڳايو ويو هو، جنهن بعد تعليم کاتي جي اختيارين الزامن جي جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙي هئي، تعليم کاتي جي اختيارين ڪالهه ڪاميٽي جي رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسرار احمد، شاهد حسين، واجد علي، غلام علي ۽ نويد علي سميت 10 اميدوارن تعليم کاتي مٿان ڀرتين ۾ بي ضابطگين جو الزام لڳايو ويو، ٽيچرز ڀرتي پاليسي 2012 مطابق انهن اميدوارن کي ڀرتي ڪري  نٿو سگهجي.