لاهور (م ڊ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار طرفان پنهنجي رهائشگاهن تي اينٽي ڪرپشن ٽيم جي ڇاپن  تي رد عمل سامهون اچي ويو آهي. هڪ بيان ۾ اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو ته پنجاب حڪومت انتقامي ڪارروائيون ڪري رهي آهي، اسان جي گهرن تي پوليس جون چڙهائيون ڪرائي ڊيڄاري نٿا سگهن، عبوري ضمانت هئڻ باوجود پوليس گهرن چڙهائي ڪئي. عثمان بوزدار چيو پوليس ۽ انتظاميا ڪوڙي وڏي وزير جي ڪٺ پتلي بڻجي وئي آهي، مون پنهنجي حڪومت دور ۾ ڪنهن قسم جي انتقامي ڪارروائي نه ڪئي، اسان نه بيماري جو بهانو بڻائينداسين نه ملڪ مان ڀڄنداسين.