ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ ايم اين اي قادر مندوخيل ٽي وي شو دوران چماٽ هڻڻ تان پنجاب جي خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. پ پ ايم اين اي قادر خان مندوخيل ڪياماڙي ضلعي جي سعيدآباد ٿاڻي تي ڏنل درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته ٽي وي شو دوران فردوس عاشق اعواڻ مون کي ٿڦڙ هنئي، گاريون ۽ ڌمڪيون ڏنيون، سندس خلاف قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ، تشدد ڪرڻ ۽ هراسان ڪرڻ جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي