ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر شاهه چيو آهي ته لسانيت جون ڳالهيون ڪندڙن کي ڪراچي جي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي. اهي وري هاڻي صوبي جو راڳ آلاپي رهيا آهن، مخالفن پاران پيپلز پارٽي تي الزام هنيا ويندا آهن ته اسان 13 سالن کان ڪجهه ناهي ڪيو. انهي جو فيصلو عوام جي عدالت ۾ ئي ٿيندو، سائيٽ ايريا ۾ سيمنس چورنگي تي هڪ ارب 3 ڪروڙ 70 لک رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ 17 روڊن جي پيڙھ جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته صنعتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ انفرا اسٽرڪچر جي تعمير بنيادي اهميت رکي ٿي. هن چيو ته بجيٽ ۾ ڪراچي جي ترقياتي منصوبن لاءِ 100 ارب رکيا ويا آهن، جڏهن ته عالمي بينڪ، ايشيائي بينڪ ۽ ٻين جي سهڪار سان شهر ۾ 900 ارب رپين جي منصوبن تي ڪم هلندڙ آهي. هن چيو ته صنعتي علائقن ۾ پاڻي جي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ صنعتڪارن کي سب سوائل پاڻي ( جر ) جا لائسنس ڏيڻ جي آڇ ڪئي آھي، صنعتن واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته ماضي ۾ ڪراچي تي حڪومت ڪندڙن شهر کي ڀتا خوري ، ٻوري بند لاشن، ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ تباهي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو. پيپلز پارٽي ڪراچي سميت پوري صوبي جي ترقي تي يقين رکي ٿي ، تقريب کي زبير موتي والا ۽ ٻين خطاب ڪيو