ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بلوچستان جي اڳوڻي سينيٽر عثمان ڪاڪڙ جي حالت وڌيڪ خراب ٿي وئ آهيم کيس ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، سندس علاج جو خرچ سنڌ سرڪار ادا ڪندي. کيس ايڌي ايئر ايمبولينس زريعي ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب عثمان ڪاڪڙ کي ڪوئيٽا کان ڪراچي منتقل ڪرڻ کانپوءِ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، سندس علاج جو خرچ سنڌ حڪومت ڀريندي. بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال عثمان ڪاڪڙ جي صحت لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اسان جون دعائون عثمان ڪاڪڙ سان گڏ آهن. الله تعاليٰ کان دعا آهي ته کيس جلد صحت عطا فرمائي.