حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي آبپاشي کاتي ۾ 19 هين گريڊ جي 3 سپرنٽينڊگس انجنيئرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آھن، سنڌ حڪومت جي چيف سيڪريٽري جي منظوري سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق گريڊ 19 هين جي سپرنٽينڊنگ انجنيئر محمد علي زرداري کي ڊائريڪٽر گهوٽڪي فيڊر ايريا واٽر بورڊ جي عهدي تان بدلي ڪري کيس ايس اي سيف الله مگسي برانچ سرڪل لاڙڪاڻو مقرر ڪيو ويو آهي، ايس اي سيف الله مگسي برانچ سرڪل لاڙڪاڻو جي اضافي چارچ عمران شيخ جي حوالي ٿيل هئي، جيڪا واپس ورتي وئي آھي، مقرري جي انتظار ۾ ويٺل گريڊ 19 هين جي ايس اي مختيار ابڙو کي ڊائريڪٽر ايريا واٽر بورڊ گهوٽڪي فيڊر مقرر ڪيو ويو آھي، آبپاشي کاتي جي مڪينيڪل سرڪل ٽو سکر ۾ مقرر گريڊ 19 هين جي ايس اي نورالعارفين کي سنڌ ريزيلنس پراجيڪٽ ڪراچي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر (ڊيمز) مقرر ڪيو ويو آھي. انهن مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آھي.