ملڪ ۾ ڪورونا وگهي 98 شهري فوت

0
258

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي وڌيڪ 98 شهري فوت ٿي ويا، 5 هزار 857 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، سرڪاري پورٽل موجب ڪورونا وائرس مثبت اچڻ جي شرح 10.6 رهي، ڪورونا سان فوتين جو مجموعي تعداد 16698 ٿي ويو ۽ ڪيسز 7 لک 78238 تائين پهچي ويو آهي، هن کان علاوه 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 3986 مريض صحتياب به ٿيا آهن، جنهن بعد صحتياب ٿيلن جو انگ 6 لک 76605 ٿي ويو آهي، سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ ڪورنا مريضن جو انگ 275081 آهي، 4562 ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويا، پنجاب ۾ مريضن جو انگ 279437 آهي ۽ 7718 ماڻهو وائرس وگهي فوت ٿي ويا، ڪي پي ۾ مريضن جو انگ 109704 ۽ 2990 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي تعداد 71533 ٿي ويو ۽ هن وقت تائين 640 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.