ڪراچي (م ڊ) ملڪ ۾ هڪ هفتي اندر مهانگائي وڌي وئي، 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 68 رپيا، ٻڪري جو گوشت 15، ڳئون جو گوشت 4 رپيا في ڪلو مهانگو ٿي ويو، دال مسور ۽ پٽاٽن جي اگهن ۾ به هڪ رپيو في ڪلو واڌ ٿي وئي. شماريات کاتي جي هفتوار جاري ٿيندڙ انگ اکرن موجب کنڊ هفتي دوران 2 رپيا 60 پيسا في ڪلو سستي، جڏهن ته آنا 9 رپيا في درجن سستا ٿيا، بصر تقريبن پوڻا 3 رپيا في ڪلو سستا ٿيا.