ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اليڪشن ڪميشن ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 249 تي ننڍي چونڊ ملتوي ڪرڻ واريون پ پ ۽ متحده جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون، ان ڏس ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 249 اولهه تي ننڍي چونڊ 29 اپريل تي ئي ٿيندي، ننڍي چونڊ دوران ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو. واضح رهي ته پي ٽي آءِ ۽ پ پ طرفان ننڍي چونڊ ملتوي ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي درخواستون اماڻيون ويون هيون.