اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدارتي ريفرنس واري مامري تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي نظرثاني وارين درخواستن جي ٻڌڻي دوران حڪومتي وڪيلن ڏنا، سرڪاري وڪيل جو دليلن دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي بار بار مداخلت، ججز کيس روڪيندا رهيا، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جواب ڏيندي چيو ته دليلن دوران مون کي بار بار رڳڙو لڳايو پيو وڃي، تفصيل موجب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي نظرثاني وارين درخواستن تي ٻڌڻي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 10 رڪني فل ڪورٽ ڪئي، عدالت ۾ دليل ڏيندي ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ ڪا به غلطي ناهي، عدالت سوچي سمجهي قانون مطابق فيصلو ڏنو، سرينا عيسيٰ جو مامرو ايف بي آر موڪلڻ کان پهريان کيس مڪمل طور تي ٻڌڻ جو موقعو ڏنو ويو، ايف بي آر کي هي مامرو قانون مطابق جائزي لاءِ اماڻيو ويو هو، درخواست گذار جج جي وڪيل پاڻ مامرو ايف بي آر کي موڪلڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مداخلت ڪندي چيو ته سرڪاري وڪيل غلط بياني ڪري رهيو آهي، منهنجي وڪيل اهڙي ڪا به ڳالهه نه ڪئي هئي، سرڪاري وڪيل کي اها اجازت نه ڏينداسين ته جيڪا سندس دل چاهي اهو چئي، جسٽس منظور ملڪ ان موقعي تي رمارڪس ڏيندي چيو ته قاضي صاحب اوهان ادب سان ويهي رهو، وڪيل کي دليل مڪمل ڪرڻ ڏيو،قاضي صاحب خوبصورت ٽائي پهري آيو آهي، قاضي صاحب جو موڊ اڄ بهتر آهي، جسٽس مقبول باقر چيو ته عامر رحمان به ٿڌي مزاج جو ماڻهو آهي، جسٽس منصور علي شاهه ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت هڪ ريفرنس فائل ڪيو، جنهن کي سپريم ڪورٽ خارج ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ بعد ۾ مامرو ايف بي آر کي اماڻيو، ان ڪيس ۾ وفاق پاران ڪا به نظرثاني جي درخواست داخل ناهي ڪئي وئي، ڇا اوهان کي ٻڌڻ ضروري آهي؟ سرڪاري وڪيل جواب ڏيندي چيو ته هن عدالت پاناما ڪيس ۾ مخصوص مدت لاءِ جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، اهڙو حڪم سپريم ڪورٽ ڏئي سگهي ٿي، ان موقعي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ايڊيشنل اٽارني جنرل پنهنجون چيل ڳالهيون منهنجي واتان نه ٿو چورائي سگهي، هو ڄاڻي واڻي اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي ته جيئن خبرون جڙي سگهن، ان مامري تي عدالت خاموش ڇو آهي؟ سرڪاري وڪيل چيو ته درخواست گذار هڪ وڏو ماڻهو آهي ان ڪري بار بار مداخلت ڪئي پئي وڃي، دليل ڏيڻ مشڪل ٿيندو پيو وڃي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جواب ڏيندي چيو ته مان وڏو شخص ناهيان، هڪ ننڍو انسان آهيان، دليلن دوران مون کي بار بار رڳڙو لڳايو پيو وڃي، فيصلو حقيقت مطابق ناهي ان ڪري نظرثاني چاهيون ٿا، اهو چوڻ به درست ناهي ته منهنجي ڪري دير ٿي رهي آهي، جسٽس منظور ملڪ کيس چيو ته قاضي صاحب اوهان کي عدالتي رڪارڊ بابت علم آهي آرام سان ويهي رهو پنهنجو موڊ ٺيڪ ڪريو، اسان اوهان جي پريشاني سمجهي سگهون ٿا، سرڪاري وڪيل پاران دليل ڏنا ويا ته قاضي فائز عيسيٰ پاڻ لکي ڏنو هو ته گهرواريءَ جي ملڪيت سان ان جو ڪو تعلق ناهي، ان جي ملڪيتن بابت ان کان پڇيو وڃي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وري مداخلت ڪندي چيو ته منهنجي گهرواري هن عدالت جي چوڻ تي بيان ڏيڻ آئي هئي، هي عدالت وڌيڪ ٻن سالن تائين ڪيس هلائڻ چاهي ٿي ته ڀلي هلائي، گذريل ٻن سالن ۾ اسان جي زندگي تباهه ٿي چڪي آهي، حڪومت اهو پنهنجو حق سمجهي ٿي ته اسان جي زندگي تباهه ڪري، حڪومتي وڪيل ٻڌائي ته منهنجي گهرواريءَ جو ڏنل بيان تسليم ڪيو ويندو يا نه؟، سرينا فائز عيسيٰ چيو ته منهنجي بيان جو حوالو ڏنو پيو وڃي، ان کي عدالت ۾ هلايو وڃي، جنهن تي جسٽس مقبول باقر کيس چيو ته اوهان مهرباني ڪري ويهي رهو، جسٽس عمر عطا بنديال درخواستگذار جج کي چيو ته وڪيلن پاران ڏنل دليل عدالت جي تسلي لاءِ آهن، اوهان کي تسلي ٿئي ٿي يا نه ان سان اسان جو ڪو تعلق ناهي، جسٽس منظور ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر قاضي فائز عيسيٰ کي مخاطب ٿيندي چيو ته قاضي صاحب اوهان قرآن شريف پڙهي رهيا آهيو اهو ئي پڙهو، مداخلت نه ڪيو ها ته وڪيل پنهنجي ڳالهه پوري ڪري سگهي ها، جسٽس عمر عطا بديال چيو ته جسٽس افتخار چوڌري وارو ڪيس دوستاڻي انداز ۾ هليو هو، هي عدالت ايف بي آر جي رپورٽ جو جائزو نه وٺندي، اسان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان 3 سوال پڇا هئاسين، ان جي جواب ۾ هن چيو ته ٽئي سوال رپورٽ تي ٻڌل آهن، ايف بي آر پاران ڏنل مواد ئي اصل معلومات هئي، ان ڪيس تي سموريون ڌريون تياري ڪن، ان دوران عدالت ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هي ڪيس ختم ٿيڻ گهرجي، حڪومتي وڪيل کي وڌيڪ وقت ڏيڻ جي مخالفت ڪندس، ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي ڪا وجهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي، جسٽس منيب اختر کيس چيو ته اڄ جمع جو ڏينهن آهي، رمضان جو مهينو آهي، ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي ٻي ڪا وجهه ناهي، جسٽس عمر عطا بديال چيو ته هن عدالت درخواست گذار جج کي به گهڻو وقت ڏنو، هاڻي اوهان کي ٿڌي دماغ سان ويهي ڳالهيون ٻڌڻ گهرجن، هي ڪيس اسان جي لاءِ منفرد نوعيت جو آهي، جيڪو 11 اسالن کان پوءِ اسان جي سامهون آيو آهي، ان کان پوءِ عدالت ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.