ملڪ ۾ مايوسي ۽ احساسِ محرومي ڇو آهي؟

0
273
انصاف جي نظام بابت سوال ۽ افلاطون جو جواب

 سابق آمريڪي صدر روزويلٽ پنهنجي سئوٽ کي هڪ خط ۾ لکيو هو ته “آئون سرمائيدارن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته هو پنهنجي ڪمائي مان چند ڊالر  عوام تي خرچ ڪرڻ لاءِ ٽئڪس جي صورت ۾ ڏين، جي نه ته اهي بکيا انقلاب آڻي وجهندا ۽ پوءِ ڪجهه به نه بچندو” روزويلٽ  غريبن جو نه پر سرمائيدارن جو خير خواه هو. هُن کي غريبن ۾ مايوسي ۽ منفي سوچ جو احساس هو. هُن سرمائيدارن کان ٽئڪس وٺي غريبن لاءِ نئين ڊيل ڏني هئي جنهن تحت پهريون ڀيرو آمريڪا ۾ سوشل سيڪيورٽي، ميڊيڪل ۽ ٻيا سماجي ڀلائي جا جامع پروگرام شروع ڪيا ويا هئا.  انهن ڪاوشن نه رڳو  آمريڪا ۾ معاشي خوشحالي آندي هئي پر ان سان سماج جي اندر  منفي رجحانن ۽ تشدد ۾ پڻ ڪمي آئي هئي.  پر اهو شايد ڪميونيزم جو ڊپ هو جنهن ڪري سرمائيدار پنهنجي حصي جو پورو ٽئڪس ڏيڻ ۽ غريبن لاءِ سماجي پروگرام جوڙڻ تي تيار ٿيا هئا.افسوس اڄ جي غريب وٽ ته اهو کوٽو سڪو به ڪونهي جنهن سان هو سرمائيدارن کان ڪا ڳالهه مڃائي سگهن

ملڪ ۾ معاشي نابرابري هڪڙي پاسي غريبن جي فوج تيار ڪر رهي آهي ته ٻئي پاسي اميرن کي وڌيڪ مالدار  ڪري رهي آهي. سماج ۾ غربت تمام خراب شيءَ آهي پر معاشي نابرابري ان کان به وڌيڪ خراب آهي جيڪا غريب عوام ۾ احساسِ محرومي کي جنم ڏيندي آهي. معاشي نابرابري ۾ عوام ڏسي سگهندو آهي ته امير ڪير آهي ۽ هُن جي اندر امير کي ڪاپي ڪري ان جهڙو ٿيڻ جو جنون پيدا ٿيندو آهي. جڏهن هُن جي اها خواهش پوري نه ٿيندي آهي ته هُن جي اندر حسد، ڪُروڌ ۽ نفرت جنم وٺندي آهي جيڪا سماجي عدم استحڪام ۽ تشدد جو بنياد هوندي آهي. تعليم، صحت، رهائش ۽ ٻين سماجي سهولتن ۾ ابتري سڀ کان وڌيڪ غريب کي متاثر ڪندي آهي. هاڻي صورتحال ايتري ته ابتر آهي جو ماڻهو اٽي لاءِ دربدر آهن. ٻئي پاسي دولت جا نوان ديوتا پنهنجا سهڻا بت اسٽاڪ ايڪسچينجن  ۾سجائي غريبن کي پنهنجي پرستش لاءِ سڏ ڪري رهيا آهن. اڄ جي جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾به  ٻار پيٽ بکيا  سُمهي رهيا آهن ۽ امراءُ پنهنجي نفعي کي ڏينهن رات ترقي ڪرائي رهيا آهن. نه صرف ايترو پر هو ٽئڪس چوري ۽ رشوت سان ناجائز دولت ڪٺي ڪري سماجي ترقي کي نقصان پهچائي رهيا آهن. اهي ڪرتوت سماج جي اندر ڪافي خطرناڪ روين کي جنم ڏئي رهيا آهن جنهن جا اثر آهستي آهستي ظاهر ٿيندا جنهن کان روزويلٽ پنهنجي سئوٽ کي آگاهه ڪيو هو. ساحر لڌيانوي شاهجهان بادشاهه جي تاج محل ٺهرائڻ کي غريب  جي محبت جو مذاق اڏائڻ سڏيو هو پر ان جو ٻيو پهلو طاقت جو اظهار هو ۽ دنيا کي ڏيکارڻ هو ته اچو ڏسو ۽ اچرج وٺو ته مغل سلطنت ڇا نه ٿي ڪري سگهي؟  انگريزن انڊيا تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ اتان ڦريل دولت مان لنڊن ۾ شيشي جو محل ٺهرائي يورپ ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايو هو. روس جي زار ان جي جواب ۾ سمنڊ ڪناري سينٽ پيٽربرگ ٺاهي پيغام موڪليو هو ته هُن کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي. اها جدوجهد اڄ به جاري آهي. عرب شيخ پنهنجن شهرن ۾ وڏا برج ٺاهي پنهنجي دولت ۽ طاقت جو اظهار ڪري رهيا آهن. اسان جا امراءُ به گهٽ نه آهن. هو پنهنجي وس آهر  شهرن جي وڏن چوراهن تي  عاليشان آئيڪون ۽ هائپر اسٽار  ٺاهي آسمان کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ٻئي پاسي  اهي  غريب آهن  جن جا پيٽ بک کان ڪک جي اندر دٻجي رهيا آهن. شهرن جي چوراهن تي لينڊ ڪروز جا شيشا هيٺ لاهي  ڇوٽ مان چند سڪا ڪنهن  فقير کي خيرات ڏئي يا وري ڪنهن هوٽل جي ٻاهران فقيرن کي ماني کارائي اسان جا  امراءُ پنهنجي نارسس ازم جي تسڪين ته ڪري سگهن ٿا پر ان سخاوت سان هو پنهنجي رشوت يا استحصال جو جواز نه ٿا مهيا ڪري سگهن.

جنهن سماج ۾ لولو چنڊ جيئن پري هجي ۽  ٻار اسڪول وڃڻ بدران ڪچري جي ڍير مان بک جي باھه اجهائين، جتي علاج ڪرائڻ لاءِ امراءُ لنڊن ۽ نيويارڪ وڃن ۽ غريب عوام وٽ پيناڊول جي ٽڪي جا پئسا به نه هجن،جتي ماڻهو سمجهن ته ترقي جي ديوي فقط چند اميرن تي مهربان ٿيندي آهي،  جتي ماڻهو سمجهن ته معاشي نظام فقط امراءُ  جي مفاد جو نالو آهي ۽ جتي جمهوريت کي ڌانڌلي سان يرغمال بڻايو وڃي سي سماج پنهنجي پيرن  جي هيٺان  جنت نه پر بارود ڀريندا آهن . نفرت پيار کان وڌيڪ طاقتور هوندي آهي ۽ سوشل ميڊيا ان ۾ طوفان جي طاقت شامل ڪري رهي آهي، سماج ۾ مسلسل مايوسي ۽ احساسِ ڪمتري تمام گهڻين نفسياتي بيمارين جو سبب بڻبي آهي. خطي ۾ ماڻهن جي ترقي ۽ اسان جو پوئتي رهجي وڃڻ جو احساس ان باهه ۾ تيل جو ڪم ڪري رهيو آهي. عوام سوال پڇڻ تي حق بجانب آهي ته اسان ڇو پوئتي رهجي ويا آهيون؟  اسان ڪنهن کٽيل واڻئي جيان ڇو آهيون جيڪو قرض واپس نه ڪرڻ جي سگهه هئڻ ڪري دڪان جي اڳيان ڏيو ٻاري ويٺو آهي.

پاڪستان جي سابق خزاني جي وزير جو اهو چوڻ ته اسان جو ملڪ هڪ سيڪڙو جي رياست آهي،بلڪل سچ آهي. باقي نوانوي سيڪڙو وٽ سواءِ مايوسي، دک، ساڙ ۽ ڪاوڙ ئي بچي آهي.آمريڪي فلسفي جارج سينٽايانا جي خيال ۾غريبن ۾ مايوسي ۽ منفي احساس امراءُ کي پڻ اخلاقي سيڪيورٽي، خوشي ۽ آزادي کان محروم رکندي آهي. ملڪ جي امراءُ کي روزويلٽ ۽ سينٽايانا جي ڳالهين کي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي.

چند دوستن جو چوڻ آهي ته اسان کي انهن ڳالهين جي خبر آهي. اهي ڪي نيون ڳالهيون نه آهن. ٻڌائي ته حل ڇا آهي. انهن دوستن کي عرض آهي ته ادا  مون وٽ ڪوبه حل ڪونهي. حل فقط عوام وٽ آهي ۽ اهو ئي پنهنجي مسئلن جو ڪونه ڪو حل ڪڍندو ۽ اهو ڇا هوندو ان لاءِ ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي. آئون فقط چند خيال لکي سگهان ٿو.  “ها آئون پنهنجي مٿي سان جيل جي ديوارن کي نه ٿو ڀڃي سگهان پر ان جو اهو مطلب به نه آهي ته آئون انهن جي اڳيان سجدو ڪريان”  دوستووسڪي جي قول سان ايندڙ ڪالم تائين موڪلاڻي.