اسلام آباد: سينيٽ جي اجلاس ۾ ناڻي وزير ملڪ ۾ تمام گهڻي مهانگائي ٿي وڃڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته گذريل جمعي تي ملڪ جي ناڻي جا ذخيرا 10 ارب ڊالرن تائين آندا آهن، ڪوشش آهي ته جون تائين مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا 13 ارب ڊالرن تائين پهچن، اڳوڻي حڪومت اسٽيٽ بينڪ ايڪٽ ۾ ترميم ڪري اسٽيٽ بينڪ کي رياست اندر رياست بڻائي ڇڏيو آهي، هو پنهنجي مرضي جا مانيٽري ريٽ فڪس ڪن ٿا، اهڙو اظهار ڪالهه هن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي ڪارروائي دوران ڪيو ، ناڻي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ مهانگائي تمام گهڻي وڌيڪ آهي، 2017ع ۾ پاڪستان جي معيشت دنيا ۾ 24هين نمبر تي هئي، جيڪا 2022ع ۾ 47هين نمبر تي اچي وئي آهي، پنجن سالن ۾ ڇا ٿي ويو جو معيشت ايتري هيٺ اچي وئي آهي، نااهلي ۽ غلط پاليسين سبب ان صورتحال تي پهتا آهيون، اسان عالمي سطح تي ادائگيون مسلسل ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته چين کي جيڪي 2 ارب ڊالر ادا ڪيا هئا، اهي واپس اچي ويا آهن، هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ٽيڪنيڪل سطح تي ڳالهيون مڪمل ٿي چڪيون آهن جنهن تي پي ٽي آءِ جي فيصل جاويد ناڻي وزير اسحاق ڊار سان مخاطب ٿيندي چيو ته اگر توهان کان معيشت نه ٿي هلي ته پوءِ حڪومت ڇڏي ڏيو، اسحاق ڊار کيس جواب ڏيندي چيو ته اگر تقابلي جائزو ٿيندو ته عمران خان جي حڪومت سنڀالڻ ۽ ڇڏڻ  واري وقت جو ٿيندو، مان هڪ جملي ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته پاڪستان دنيا جي 24هين معيشت مان 47هين معيشت بڻجي ويو آهي.