ڪراچي(م ڊ) ناليواري اينڪر پرسن غريده فاروقي انڪشاف ڪيو آهي ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال تي سخت دٻاءُ آهي، حڪومت به هن تائين واضح پيغام پهچايو آهي، مخصوص سياسي پارٽي کي فائدو پهچڻ جي ڪري ائين نه پيو ڪيو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انتهائي حساس معلومات ملي آهي، ذريعن موجب چيف جسٽس تي سپريم ڪورٽ مان اندران سخت دٻاءُ آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي جي اليڪشن ڪيس تي يا ته فل ڪورٽ بينچ ٺاهي وڃي يا وري استعيفيٰ ڏيو. ذريعن موجب حڪومت به چيف جسٽس کي انهن ئي آپشنز جو واضح پيغام پهچايو ويو آهي. ذريعن موجب في الحال ان ڳالهه جي مخالفت سامهون پئي اچي ته هڪ مخصوص سياسي پارٽي ان جو فائدو کڻي سگهي ٿي، چند مخصوص شخصيتن کي ان جو فائدو پهچي سگهي ٿو. هن ان تي لاعلمي جو اظهار ڪندي لکيو ته والله اعلم بالصواب. بهرحال معاملا ڳنڀير آهن ٽڪراءُ وڌي سگهي ٿو ڏسون ته پهرين ڪير ٿو جهڪي.