لاهور (م ڊ) ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ جي پهرئين سرٽيفائيڊ آئين ٽوڙيندڙ جي واتان آئين جهڙي مقدس شي جو نالو کڄڻ به مذاق آهي. عمران خان جي بيان تي جواب ڏيندي مريم نواز چيو ته ڳالهه اها آهي ته جيڪا سازش توهان نون سهولتڪارن جي مدد سان تيار ڪئي هئي، اها پڪڙجي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته رياست ۽ ادارا توهان جهڙي دهشتگرد ۽ فتني جي حڪم تي نٿا هلي سگهن، هاڻ چُپ ڪري ويهي رهو.