ڪراچي (م ڊ) ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ  فعال ساڍا 6 هزار مان گهٽجي 5 هزار ميگاواٽ ٿي ويو، لوڊشيڊنگ جو وقت نه گهٽجي سگهيو، ڪراچي ۾ 4 ڪلاڪن کان 14 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، شهرين جو چوڻ آهي ته سڄو ڏينهن بجلي ناهي هوندي، اڌ رات جو به اوچتو بجلي هلي وڃي ٿي، جنهن ڪري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ڪي اليڪٽرڪ شهر ۾ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي چيو ته گرمي ۾ شدت سبب بجلي جي گهرج ۾ اضافو ٿيو، 350 کان 400 ميگاواٽ کوٽ آهي، پنجاب جي ننڍن شهرن ۽  ٻهراڙين ۾ لوڊشيڊنگ 8 ڪلاڪن تائين ٿي وئي.