اسلام آباد (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ شاهد  خاقان عباسي چيو آهي ته عارف علوي پي ٽي آءِ جي ٽوپي لاهي صدر جي پائي، رات جي اونداهي ۾ آرڊيننس تي صحيح ڪندڙ صدر کي پارليامينٽ جو منظور ڪيل بل درست نظر نه اچڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، شاهد خاقان عباسي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نيب 4 سالن ۾ ڪهڙن سياستدانن کي ڏوهاري قرار ڏياري سگهيو، عمران خان نيب کي سياسي جوڙ توڙ لاءِ استعمال ڪيو، نواز ليگ تي ڪيس هلندا رهن پر نيب ختم ٿيڻ گهرجي.