ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ايم ڪيو ايم تي مهربان، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي 13 ارب رپين جا خصوصي ترقياتي فنڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ، ان حوالي سان ذريعن کان معلوم  ٿيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ٿيل ويجهڙائي کانپوءِ ايم ڪيو ايم جي 7 ايم اين ايز ۽ سمورن ايم پي ايز کي سندن تڪن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ خصوصي فنڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب هر ايم پي اي کي 50 ڪروڙ ۽ 7 ايم اين ايز کي پڻ 50، 50 ڪروڙ جون ترقياتي اسڪيمون ڏنيون وينديون، جڏهن ته مخصوص سيٽ وارن ايم پي ايز کي 20، 20 ڪروڙ رپين جا ترقياتي منصوبا ڏنا ويندا، سنڌ جي پلاننگ کاتي جي ذريعن موجب منصوبن لاءِ خصوصي ترقياتي فنڊ جولاءِ 2022 ع کان جاري ڪيا ويندا، ذريعن موجب  متحده جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي تجويز ڪيل ترقياتي اسڪيمن جي نگراني لاءِ سنڌ جي مڪاني ادارن واري کاتي جي آفيسرن کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويندو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي پنهنجون رٿائون جمع ڪرائڻ  جون هدايتون پڻ ملي چڪيون آهن. هوڏانهن ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪاميٽي جو اجلاس بهادرآباد ۾ ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪرڻ بابت غور ويچار ڪيو ويو.