ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جو هر شهري عمران خان جي تبديلي واري سونامي جي قيمت ادا ڪري رهيو آهي، وزيراعظم سعودي عرب کي 3 ارب ڊالر واپس ڪرڻ لاءِ چين کان قرض ورتو، جاري ڪيل بيان ۾ هن وزيراعظم تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته عمران خان اعلان ڪيو هو ته هو قرض نه وٺندو پر هاڻي ڪستو کڻي پوري دنيا ۾ گهمي پيو، مڃون ٿا ته وزيراعظم کي چندو ڪرڻ جو وڏو تجربو آهي پر ملڪ چندن سان ناهن هلندا، عمران خان جي ناقص معاشي پاليسين سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، پوڻا ٻه لک رپين جي قرض هيٺ دٻيل هر پاڪستاني عمران خان جي نااهلي جي قيمت ادا ڪري رهيو آهي، اهو قرض وري ڪرپشن ۾ اڏايو ويندو ته عام ماڻهو مهانگائي ۾ پيهبو رهندو، عمران خان ٿورو بني گالا مان ٻاهر نڪري ڏسي ته عام ماڻهو عيد خريداري لاءِ ڪيترو پريشان آهي؟ حڪومت ۾ اها به سگهه ناهي جو چين کي سي پيڪ جون رهتون ادا ڪري سگهي، هن چيو ته پشاور کان ڪراچي تائين ريلوي پٽڙين جي تبديلي واري پراجيڪٽ ايم ايل ون لاءِ 6 ارب ڊالرن جا فنڊ جاري ڪرڻ وقت چيني حڪومت به ٻڏتر جو شڪار آهي، جيڪا پي ٽي آءِ حڪومت تي عدم اعتماد جو اظهار آهي، جڏهن ته پرڏيهي سيڙپڪار به پاڪستان ۾ سيڙپ ڪرڻ کان لنوائين پيا. عمران خان جي حڪومتي دور ۾ ملڪ جا ساڍا 8 ڪروڙ شهري غربت جي ليڪ کان هيٺ پهچي ويا آهن، ٻئي طرف پ پ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان پنهنجي نااهلي جو ملبو سفارتڪارن تي ڪيرائي پيو، هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل مسلمانن جي اتحاد کي متاثر ڪيو، پ پ کانپوءِ جيڪي به پارٽيون اقتدار ۾ آيون، انهن پرڏيهي پاليسي تي ڌيان نه ڏنو.