ڪابل (م ڊ) سعودي عرب مان واپسي بعد آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه اوچتو هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي افغانستان پهچي ويو، هن چيو ته پرامن افغانستان جو مطلب پرامن پاڪستان آهي. انٽرسروس پبلڪ رليشنزموجب آرمي چيف ڪابل ۾ افغان صدر اشرف غني سان ملاقات ڪئي، ان دوران برطانيا جو چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل نڪولس پيٽرڪ به موجود هو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي، افغان امن عمل ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ گڏيل سلامتي ۽ دفاع ۾ سهڪار ۽ بارڊر مينيجمينٽ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. ان موقعي تي آرمي چيف جو چوڻ هو ته پر امن افغانستان جو مطلب پرامن خطو خاص طور تي پرامن پاڪستان آهي، پاڪستان هميشه افغانن جي قيادت ۾ افغان مفاهمتي عمل جي حمايت ڪندو رهندو. آءِ ايس پي آر موجب افغان صدر بامعنيٰ ڳالهين تي آرمي چيف جا ٿورا مڃيا ۽ افغان مفاهمتي عمل ۾ پاڪستان جي مخلصاني ۽ هاڪاري ڪردار کي ساراهيو. آءِ ايس پي آر موجب هن دوري ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد به آرمي چيف سان گڏ هو. بعد ۾ هن افغانستان جي قومي مفاهمت ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله عبدالله سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ افغان امن عمل تي به ڳالهايو ويو. ان کان اڳ جنرل باجوه سان برطانوي چيف آف ڊفينس جنرل سر نڪولس پيٽرڪ ڪارٽر به ملاقات ڪئي ۽ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ افغان امن عمل ۾ ٿيل تازي اڳڀرائي تي ڳالهيون ڪيون. پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ ٻه طرفو دفائي سهڪار وڌائڻ وارن معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. جنرل نڪولس خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ افغان امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. آرمي چيف شهزادي فلپ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظاهر ڪيو ۽ چيو ته دنيا هڪ عزت لائق دوست کان محروم ٿي وئي، ڪورونا خلاف جنگ ۾ سهڪار تي برطانيا جا ٿورائتا آهيون، پاڪ فوج برطانيا سان دوستاڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿي.