ڪراچي: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڊي ايس پي واري امتحان ۾ لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ فائزه سوڍڙ پهرين پوزيشن ماڻي سمورن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي پوئتي ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان تازو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آيل نتيجن موجب ڊي ايس پي واري عهدي لاءِ چٽاڀيٽي واري امتحان ۾ 300 کان وڌيڪ اميدوارن لکت وارو امتحان پاس ڪيو هو، لاڙڪاڻي جي َ فائزگ سوڍڙ پهرين پوزيشن ماڻي هئي