ڪراچي: سينٽرل سپيريئر سروسز (سي ايس ايس ) ۾ ڪاميابي بعد چڪ ڄائي ڊاڪٽر ثنا رامچند پاڪستان ايڊمنسٽريٽر سروس ( پي اي ايس ) ۾ به ڪامياب ٿي ، ثنا رامچند جو چوڻ آهي ته سندس شوق هو ته ڪميشن امتحان پاس ڪريان، ان ڪري کيس سماجي رابطن وارين ويب سائيٽن سميت ٻين سمورن ڪمن کان پاسيرو ٿي رڳو 8 مهينا محنت ڪرڻي پئي، جنهن تي کيس ڪاميابي ملي آهي.