مالا ڪنڊ (ويب ڊيسڪ)  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته لعنت آهي اهڙي پئسي تي جو ٻار به ڪوڙ ڳالهائين ۽ پاڻ بچائڻ لاءِ علاج جا بهانا ڪيا وڃن، هنن 30 سالن کان مُلڪ لٽيو، ملڪ ٺهڻ جو اهو مقصد نه هو ته هتي زرداري ۽ شريف امير بڻجي وڃن، وزيراعظم عمران خان جي يونيورسٽي آف مالاڪنڊ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هاڻي اسان ڏکين حالتن ۾ نڪري ويا آهيون، پهرين ته ملڪ تي قرضي بڻيل هو، پي ٽي آءِ اقتدار ۾ آئي ته ملڪ ڏيوالپڻي ڏانهن وڃي رهيو هو، دوست ملڪن مدد ڪري ڏيوالپڻي کان بچائي ورتو، ڪراچي ۾ بنڊاڙ ٻيٽ لاءِ وڏا سيڙپڪار انتظار ڪري رهيا آهن پر سنڌ حڪومت ڪنهن سبب جي ڪري اجازت نٿي ڏئي. هن چيو ته انسان اشرف المخلوقات آهي پر جيڪڏهن انسان پنهنجي لاءِ زنده هجي ته ان جو ڪو مقصد نه آهي، لالچ سب دنيا ۾ افراتفري متل آهي، انسان کي دنيا ۾ اچڻ جو مقصد سمجهڻو پوندو، شارٽ ڪٽ وٺي انسان ڪو وڏو ڪم نٿو ڪري سگهي، هن وڌيڪ چيو ته اصل پئسا خوشي ناهن ڏيندا، هي ملڪ ان لاءِ نه ٺاهيو هو ته ٽاٽا برلا جيان هتي آصف زرداري ۽ نواز شريف امير بڻجن، اسان جڏهن اقتدار سنڀاليو ته پاڪستان ڊيفالٽ ٿيڻ وڃي رهيو هو دوست ملڪن مدد ڪئي ۽ ملڪ ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچي ويو، جيڪڏهن پاڪستان ڊيفالٽ ٿئي ها ته رپيو اڃا ڪري پوي ها ۽ مهانگائي ۾ بدترين اضافو ٿئي ها، وڏا سيڙپڪار ٻنڊاڙ بيٽ تي سيڙپڪاري جي انتظار ۾ آهن پر سنڌ حڪومت اجازت نٿي ڏئي، اسان زراعت ۾ نئين سوچ کڻي آيا آهيون، سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي زيتون جا وڻ لڳائڻ لاءِ سٺي جاءِ آهي،50سالن بعد ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم ٺاهي رهيا آهيون، ڊيم سان ڊي آئي جي خان ۾ ٽي لک ايڪڙ زمين تي پوکي ڪري سگهبي، لاهور ۾ راوي سٽي جي نالي سان نئون شهر اڏي رهيا آهيون.