اسلام آباد: آءِ ايم ايف کان وڌيڪ 500 ملين ڊالرن جو قرض حاصل ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت هڪ وڌيڪ ڪڙي شرط مڇڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي. وفاقي حڪومت مختلف شعبن کي مليل 140 ارب رپين جي انڪم ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، انڪم ٽيڪس جي ڇوٽ ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته حڪومت صدارتي آرڊيننس آڻڻ لاءِ ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ڪري ورتي آهي، صدارتي آرڊيننس لاءِ سمري به ڪابينا منظور ڪري ورتي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت پاران آءِ ايم ايف کي انڪم ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ لاءِ 24 مارچ کان اڳ آگاهه ڪرڻو آهي، وقت گهٽ هجڻ جيڪري پارليامينٽ ۾ بل ناهي آندو ويو.