اسلام آباد (بيورو رپورٽ) هلندڙ سال پاڪستان ۾ في ڪس آمدني ۾ گهٽتائي ٿي آهي، هلندڙ مالي سال 2022-23ع دوران پاڪستان جي في ڪس آمدني ۾ 198 ڊالر جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، شماريات کاتي مطابق موجوده مالي سال دوران في ڪس آمدني 1568 ڊالر رهي، جيڪا گذريل مالي سال 1766 ڊالر في ڪس هئي، جڏهن ته هڪ سال اندر في ڪس آمدني ۾ 11.38 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، شماريات کاتي مطابق ملڪي معيشت جي مجموعي ڪاٿي ۾ 33.4 ارب ڊالر جي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي، سال 2022-23 ۾ معيشت جو ڪاٿو 375 ارب ڊالر کان گهٽ ٿي 341.6 ارب ڊالر تي اچي ويو آهي، شماريات کاتي پاران ٻڌايو ويو آهي ته صحت جي شعبي ۾ بهتري آئي آهي، جنهن کان پوءِ 3 سيڪڙو هدف جي مقابلي ۾ ڪارڪردگي 8.49 سيڪڙو رهي، تعليم جي شعبي ۾ به بهتري آئي آهي جيڪو بهتري کان پوءِ 4.9 سيڪڙو هدف جي مقابلي ۾ 10.44 سيڪڙو رهيو، ان کانسواءِ انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن جي ڪارڪردگي 6 سيڪڙو هدف کان بهتر ٿي 6.93 سيڪڙو رهي.