اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جون وڌيڪ 2 وڪيٽون ڪرڻ واريون آهن. ذريعن موجب اسلام آباد کان ايم اين اي راجا خرم نواز پارٽي پارٽي ڇڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي سيالڪوٽ سان تعلق رکندڙ فردوس عاشق پاران به پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ هوءِ اڄ پنهنجي سياسي مستقبل جو اعلان ڪندي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مان شرپسندن جي ڪارروائين سبب پي ٽي آءِ ڇڏي رهي آهيان. هن چيو ته عمران خان جي ايجنڊا پاڪستان لاءِ زهر بڻجي وئي آهي، عمران ۽ پاڪستان گڏ نٿا هلي سگهن، هو ماڻهن کي ٽيشو پيپر جيان استعمال ڪندو آهي ۽ پوءِ ڦٽو ڪري ڇڏيندو آهي، هو سڀ کان اڳ پنهنجي محسنن جو ئي دشمن بڻجي ويندو آهي. سندس چوڻ هو ته 9 مئي واقعن جي آزاداڻي جاچ ڪري ذميوارن کي سزا ڏني وڃي.  جڏهن ته پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ سلمان احمد به راهون جدا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پنجاب ۾ تعليم وارو وزير رهندڙ مراد راس به پارٽي ڇڏي ڏني، استيعفا ڏيندي اڳوڻوصوبائي وزير مراد راس روئڻهارڪو ٿي ويو. ٻئي پاسي ديوان عظمت، طارق ارشاد، قاسم خٽڪ ساٿين سميت پي ٽي آءِ ڇڏي ڏني.  پشاور ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ملڪ قاسم خان ساٿين سميت پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته اسان کائڻ وارا ناهيون کارائڻ وارا آهيون. 9مئي جي واقعن تي افسوس آهي. بهاول نگر ۾ طارق عثمان گڌو پي ٽي آءِ کان رستا ڌار ڪري ڇيڏيا پ يپي 237 تان چونڊيل اڳواڻ طارق عثمان گڌو چيو ته 9 مئي واقعن تي جي سخت مزمت ڪريان ٿو. اسلام آباد مان جمال انصاري به پي ٽي آءِ جي بنيادي رڪنيت ۽ عھدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي. جمال انصاري چيو ته پاڪ فوج جي تذليل قوم جي تذليل آهي. سينيٽر سيف الله نيازي به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته پنهنجي سياسي مستقبل جو لائحه عمل پوءِ طئه ڪندس. هن چيو ته 9 مئي واقعن جي سخت مذمت رڪيان ٿو. ابرار الحق عليحدگي جو اعلان ڪندي چيو ته جيڪي سياسي رويا نظر اچي رهيا آهن انهن ۾ سياست ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. سوشل ورڪ ڪري رهيو آهيان انهن تي ڌيان ڏيندس. پريس ڪانفرنس دوران ابرار الحق روئڻهارڪو ٿي پيو.  هن چيو ته آئون سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪريان ٿو.  فيصل آباد مان اڳوڻي ايم اين اي خرم شهزاد پي ٽي آءِ ڇڏي ڏني. ڪراچي مان رابعه اظفر به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته پنهنجي ٻچن کي سياسي ايڊونچر جي رسڪ تي نٿي ڇڏي سگهان. تحريڪ انصاف ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪريان ٿي. ٻئي پاسي خانگي ٽي وي چينل موجب سينيٽر مرزا محمد آفريدي پارٽي جي به ڇڏي ڏيڻ جو امڪان آهي، اهو سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ مرڪزي ڪردار هو. 2 سينيٽرن استعيفا ڏيڻ لاءِ مشاورت ڪئي آهي.  شوڪت ترين، فلڪ ناز، ذيشان خانزادي جي پارٽي ڇڏڻ جا امڪان آهن سينيٽر فدا محمد، دوست محمد پاران به پارٽي کا عليحدگي جو امڪان آهي. سينيٽرن سيف الله نيازي جي پريس ڪانفرنس کان پوءِ مشاورت به ڪئي آهي.