لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ ۽ وڪيل بابر اعواڻ اوچتو لنڊن هليو ويو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ ليڊيز ونگ جي صدر ڪنول شوزب به پرڏيهه نڪري وئي آهي.ان ڏس ۾  ميڊيا رپورٽن موجب بابر اعواڻ لنڊن هليو ويو اهي ۽ هن جو دورو اڳ طئي ٿيل هو، پارٽي رپورٽن موجب بابر اعواڻ  جلد واپس اچي ويندو. هوڏانهن خانگي ٽي وي چينل موجب پاڪستان تحريڪ انصاف عورت ونگ جي صدر ڪنول شوزب پرڏيهه هلي وئي آهي. ڪنول شوزب نو فلائلي لسٽ ٺهڻ کان اڳ ئي اسڪاٽ لينڊ هلي وئي هئي.