ملڪاڻي شريف (رپورٽ: وشال ريٻاري)2  مهينا گذرڻ باوجود يونين ڪائونسل ملڪاڻي شريف جا ويھ ڳوٺ پراڻ گهاري جي پاڻي ۾ ٻڏل آهن. ڳوٺ وزير سرڪاڻي، انب ريٻاري، بابو ماڇي، اميربخش ڪلوئي، خورشيد آرائين، مختيار گجر، طارق قريشي سميت انيڪ ڳوٺن جي گهرن ۽ اسڪولن جي چوطرف اڃان تائين پاڻي گهيرو ڪري بيٺل آهي، جنهن ڪري واپس پنهنجي  گهرن ۾ آيل ڳوٺاڻان وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏئي پاڻي مان پنهنجي گهرن جو سامان ڪڍڻ تي مجبور آهن. پراڻ گهاري جي بيٺل پاڻي کي 2 مهينا گزري ويا پر اڃان تائين پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاء ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن جنهن ڪري سوين ايڪڙ زمين پاڻي هيٺ هجڻ ڪري چيٽ جي پوکائي نه ٿي سگهي آهي گهاري جا متاثر ٿيل ڳوٺاڻان ڪئمپن مان ويهي تنگ ٿي آخر واپس پنهجي ماڳن ڏانهن موٽڻ  لڳا آهن پراڻ گهارو جيڪو مسلسل هڪ مهينو لاڳيتو هلي رهيو هو جنهن علائقي جا سوين ڪچا ڪيرائي پٽ ڪري هزارين ايڪڙن تي پوکيل مرچ فٽي جا فصل لوڙهي علائقي جي زرعي معشيت مڪمل تباه ڪري ڇڏي آهي پراڻ گهاري جي تباه ٿيل ڳوٺن جي هرطرف تباهي جا منظر اڃان تائين واضع نظر اچي رهيا آهن ڪريل تباه ٿيل ڪچا گهر پاڻي ۾ ٻڏل گهرن جو سامان ۽ مئل چوپائي مال جا هڏا ڏکوئيندڙ منظر نظر اچڻ لڳا آهن ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن حاجي علي دلواڻي طارق محمود آرائين چيلا رام ريٻاري دلبر بلوچ ۽ ٻين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته پراڻ کي ڏنل هٿرادو گهاري اسان جي علائقي ۾ وڏي تباهي آندي آهي جنهن جا منظر ۽ تباهيون ڪيترن ئي سالن تائين نه ميساربيون اسان جي علائقي جا سوين ڪچا ڪيرائي پٽ ڪري فصل ساڙي تباه ڪري اسان کي بي گهر ڪري معاشي طور تباه ڪيو ويو آهي هزارين ايڪڙ زمين جيڪا ٻن مهينن کان پاڻي هيٺ آهي جنهن ڪري اسان چيٽ جي پوکائي پنهنجي ٻچن جي پيٽ پالڻ لاء ڪڻڪ جا ڌاڻا به پوکي نه سگهيا آهيون ٻن مهينن کان بيٺل پاڻي کي نيڪال ڪرائڻ لاء ڊي سي بدين ۽ ضلع انتظاميا ڪي به قدم نه کنيا آهن هنن چيو ته اسان جي علائقي ۾ جلد سروي ڪرائي گهرن فصلن ۽ چوپائي مئل مال جي ٿيل نقصان جو معاوضو ڏئي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ته جئين اسان جي علائقي ۾ ٻيهر بحال ٿي سگهون.