ڪراچي( ڪامرس ڊيسڪ) ڪراچي ۾ کير جو اگهه 200 (ڊبل سينچري) ۽ ڏهي 300 ( ٽرپل سينچري ) تي پهچڻ ڪري 2 ڪروڙ شهري ڏچي هيٺ اچي ويا، ٻئي طرف ڪراچي انتظاميا اٽي جيان کير جي اگهه تي ضابطو آڻڻ  ۾ ناڪام ٿي وئي، واضح  رهي ته  ڏيڍ مهينو اڳ سنڌ جي ڳائي مال ۾ لمپي واري بيماري پکڙجڻ  ۽ صوبي ۾ تازين برساتن سبب گاهه جي سڙي سڪي وڃڻ جا عذر ڏئي کير جو اگهه 20 رپيا وڌايو ويو هو، جنهن ۾ گذريل ڏينهن وري 20 رپين جو اصافو ڪيو ويو هو، ٻئي طرف  ڪراچي جي ڪمشنر سميت 7 ضلعن جي انتظاميا  کير جي سرڪاري اگهه 120 رپيا تي عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي.